روس جي ٽينس اسٽار هم جنس پرست هئڻ جو اعتراف ڪري ورتو

0
308

ماسڪو (اسپورٽس نيوز) روس جي ٽينس اسٽار ڪساتڪينه چيو آهي ته هوءَ هم جنس پرست آهي ۽ پنهنجي ان سڃاڻپ تي شرمنده ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي اسٽار ٽينس رانديگرياڻي ۽ عالمي سطح تي 12 هين نمبر تي موجود ڊاريه ڪساتڪينه يوٽيوب چينل کي انٽرويو ۾ هم جنس پرست هئڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪيستائين اهڙين حقيقتن کي لڪائي سگهجي ٿو

روسي ٽينس اسٽار پنهنجي ملڪ ۾ هم جنس پرستن سان ٿيندڙ خراب سلوڪ تي احتجاج ڪندي چيو ته روس ۾ ممنوع موضوعن جي فهرست تمام ڊگهي آهي. ڊاريه وڌيڪ چيو ته منهنجو مڃڻ آهي ته راند جي دنيا جي يا وري ڪنهن ٻئي شعبي سان تعلق رکندڙ بااثر ماڻهن کي ان بابت کلي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي