ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) روس پابندين ۽ سفارتڪارن کي بي دخل ڪرڻ واري مامري تي آمريڪا کي سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ جو سوچي ڇڏيو، روس جي طرفان به 10 آمريڪي سفارتڪارن کي بي دخل ڪيو ويندو ۽ ڪيترن ئي آمريڪي اهلڪارن تي سفري پابنديون به هنيون وينديون، روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف جو چوڻ آهي ته اندروني مامرن ۾ مداخلت تي آمريڪي فنڊز ۽ اين جي او جون سرگرميون به ختم ڪيون وينديون، واضح رهي ته جوبائيڊن انتظاميه طرفان آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ مداخلت جو الزام لڳائي 10 روسي سفارتڪارن کي بي دخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ 32 ماڻهن تي پابندي مڙهي وئي هئي..