ماسڪو (م ڊ) ترڪ صدر طيب اردگان ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن وچ ۾ هڪ مهيني کان به گهٽ عرصي ۾ ٻي اهم ملاقات اسود سمنڊ جي ساحل تي روسي سياحتي شهر سوچي ۾ ٿي. عالمي خابرو اداري موجب روس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن موجوده علائقائي ۽ عالمي چيلينجن باوجود گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. بيان ۾ اهو به چيو ويو ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي واپار وڌائڻ سميت اقتصادي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ۽ شام ۾ دهشتگردي خلاف گڏيل جنگ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.