ڪراچي: روسي ڪڻڪ جا 2 جهاز ڪراچي پورٽ پهچي ويا، فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت موجب روس کان ساڍا 7 لک ٽن ڪڻڪ خريداري جو معاهدو ڪيو ويو آهي، اها ڪڻڪ 30 مارچ تائين پاڪستان پهچندي، هن وقت ڪراچي پورٽ تي 3 لک ٽن ڪڻڪ پهچي چُڪي آهي، جڏهن ته باقي ساڍا 4 لک ٽن ڪڻڪ  گوادر پورٽ تي لهندي.