ماسڪو(انٽرسٽنگ نيوز) روسي مهاڻي جي ڄار ۾ عجيب ۽ غريب سامونڊي مخلوق ڦاٿي آهي جنهن کي شڪاريءَ شيطاني مڇيءَ جو نالو ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها عجيب و غريب سامونڊي مخلوق نارويجن سمنڊ مان دريافت ٿي جنهن جون تصويرون مشهور روسي مهاڻي رومن فيڊروسوف سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون آهن. تصوير سان گڏ مهاڻي ڪيپشن ڏنو ته هن ويجهڙ ۾ اهڙي مڇي پڪڙي آهي جنهن کي بگهڙ مڇي، شيطاني مڇي چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو، هيءَ نيري ۽ گري رنگ جي مڇي آهي جنهن جو منهن ڪنهن خوفناڪ ڪتي جيان آهي. رومن طرفان شيئر ڪيل عجيب و غريب مڇيءَ جي وڊيو سوشل ميڊيا واهپيدارن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مڇيءَ جون اکيون ۽ منهن ٻاهرين طرف نڪتل آهن. وڊيو کي هن وقت تائين ساڍا 3 لک جي ويجهو واهپيدار ڏسي چڪا آهن جڏهن ته 11 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وڊيو کي پسند ڪري چڪا آهن.