اسلام آباد (بيورو رپورٽ) روسي فيڊريشن جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي ضمير ڪابلوو  پرڏيهي مامرن جي مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ملاقات ڪئي،  ضمير ڪابلوو ۽ حنا رباني کر وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو،  ٻنهي ڌرين افغان عبوري حڪومت سان عملي رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو، ٻنهي ڌرين ماسڪو فارميٽ ۽ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ذريعي علائقائي حل کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.