روز ليزلي جو سئوٽ پراسرار نموني گم، مدد جي اپيل

0
228

لنڊن (شوبز نيوز) مشهور ڊراما سيريز ”گيم آف ٿرونز“ جي اداڪارا روز ليزلي جو ڪزن پراسرار طور گم ٿي ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب روز ليزلي پنهنجي گم ٿيل ڪزن لاءِ سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو جاري ڪئي آهي، جيڪا تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.اداڪارا ان ويڊيو ۾ درخواست ڪئي آهي ته منهنجي ڪزن فلپ فريسر جو پنهنجي فيملي سان رابطو ڪرايو وڃي. ويڊيو ۾ روز چئي ٿي ته ”فلپ! اڄ تنهنجي سالگرهه آهي ۽ 8 جون کان گم آهين، اسان کي تنهنجي باري ۾ ڪو علم ناهي، تنهنجي فيملي ۽ دوست سخت پريشان آهن، مهرباني ڪري انهن سان رابطو ڪر، تون جتي به آهين، منهنجي طرفان سالگرهه مبارڪ“.