رهجي ويل ڪجهه ڳالهيون

0
157
رهجي ويل ڪجهه ڳالهيون

 منهنجي عمر 50 سالن کان مٿي ٿي وئي آهي ۽ هن عمر۾ منهنجي يادگيري جو مسئلو آهي،يعني شيون ۽ ڳالهيون وسري وڃن ٿيون مون “پنهنجي اخبار” ۾ ڇا هن سال سنڌ ۾  ٻوڏن برساتن جوسبب موسمي  ڦير گهير هو ؟جي عنوان هيٺ مضمون لکيو جيڪو “پنهنجي اخبار” ۾11 آڪٽوبر تي ڇپيو. هن مضمون ۾ مون پنهنجي سمجهه آهر سڀ ڳالهيون لکيون پر پوءِ به هڪڙي ڳالهه وسري ته گرين هائوس گيسون ڇا آهن؟ هاڻي مان هن مضمون ۾ انهي جو حال احوال ڏيان ٿو:

گرين هائوس گيسون (GHG) ڇا آهن؟

                 گرين هائوس هڪ هٿرادو سبزي گهر کي چئبوآهي جنهن اندر سياري جي مند جون گرم موسم واريون سبزيون ۽ سايون ڀاڄيون پيدا ڪري سگجهن. هڪ بند ٿيل شيشي جي گهر ۾ شيشن کي ايترو گرمي پد ڏنو وڃي ٿو جيڪو اونهاري جي ڀاڄين لاءِ گهربل هوندو آهي پاڻي جي بخار، ڪاربان ڊاءِآڪسائيڊ، نائٽروجن، آڪسائيڊ، ميٿين، اوزون اهي گيسون آهن ۽ ٻيون گيسون به آهن جن کي گرين هائوس گيسون چئبوآهي، انهن جو رنگ Green نه  هوندو آهي پر اهي ساين ڀاڄين جي ٺاهڻ جي مناسبت انهن کي گرين هائوس چيو ويندوآهي.اچو ته  سمجهون ته گرين هائوس گيسون زمين کان موٽندڙ شعائن کي ڪيئن گهٽ ڪن ٿيون، اچو اهو هڪ مثال مان سمجهون. مان پنهنجي ڪار جا شيشا بند ڪري اُس ۾بيهاريان ٿو،ڪلاڪ ٻن کانپوءِ جڏهن مان ڪار وٽ اچي ڪار جا در کوليان ٿو ته ڪار جي اندر ايتري گرمي ٿي وڃي ٿي ته ڪار ۾اندر ويهي نٿو سگهان، ڪار جا سڀ شيشا کولي پنجن منٽن کانپوءِ ڪار ويهڻ جهڙي ٿي وڃي ٿي. سوال ٿو اٿي  ته ڪار اندر ايتري گرمي ڇو ٿي؟ جڏهن ايتري گرمي ٻاهر ناهي. ٿئي ايئن ٿو  ته سج جي روشني جيڪا توانائي(Energy) آهي سولائي سان ڪار ۾ اندر گهڙي ٿي  ۽ ڪار ۾ ڳوڙهي ۽ هلڪي رنگ واريون سيٽون آهن، سج جي روشني هلڪي رنگ واري شيشن مان موٽ کائي ٿي ۽ شيشي مان لنگهي موٽي ٿي اچي ٿي، پر ڳوڙهي رنگ واريون سيٽون سج جي روشني کي جذب ڪن ٿيون، جڏهن اهي گرم ٿين ٿيون ته اهي خاص قسم جون شعائون جن کي انفرا ريڊ چئبو آهي سج جي روشنائي وانگر اهي شعائون سولائي سان شيشي مان لنگهي وڃن ٿيون ۽ ڪار ۾ اندر ئي رهن ٿيون، پر جيئن گرمي  پد وڌي ٿو ته اندرون گرمي توانائي وارو حصو ٻاهر نٿو نڪري سگهي، ڪجهه وقت کانپوءِ  استحڪام (Stability)واري صورتحال ٿئي ٿي جنهن ڪري سج جي روشني يعني توانائي جيڪا ڳوڙهي رنگ وارين شيشن ۾ جذب ٿئي ٿي انفراريڊ شعائن ذريعي ٻاهر ويندڙ توانائي برابر ٿي وڃي ٿي، ۽ ايئن ٿيڻ ڪري ڪار ۾ گرمي  پد  هڪ جاءِ تي بيهي وڃي ٿو، اهو وڌيل هوندوآهي،دنيا جي چوڌاري وارو حصو جهڙوڪ پاڻي جو بخار، ڪاربان ڊاءِآڪسائيڊ ۽ ٻيون گيسون جذب ڪن ٿيون ۽ اهي وري انفراريڊ شعائون اڇلين ٿيون جيڪي ڌرتي ڏانهن به اچن ٿيون، اهو سلسلو  هلندو رهي ٿو جيستائين استحڪام واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي ۽ اها انهي گرمي پد تي ٿئي ٿي، جڏهن روشني جي توانائي  ٻاهر ويندڙ توانائي جيتري ٿئي ٿي اها وڌيل گرمي پد تي ٿئي ٿي. انهن کي زمين جو گرين هائوس چئجي ٿو.

بند ٿيل دڳن جي کولڻ جومسئلو:

مان انهي سلسلي  ۾ به “پنهنجي اخبار” ۾ هڪ مضمون لکيو هو جيڪو انهي بابت هو ته بند ٿيل دڳ ڪيئن کولجن، جڏهن  اسان وٽ ڪو سسٽم موجود نه هو ته پاڻي سمنڊ ۾ ڪيئن ويندو هو؟ ظاهر آ انهن دڳن ۽ رستن ذريعي ويندو هو جيڪي  انهي وقت دستياب هئا، اهي مختلف نين ۽ سنڌودرياءُ  جي ڇاڙن معرفت  ويندو هو، هاڻي ايل بي او ڊي ٺهڻ ڪري اها ڇاڙون ۽ رستا بند ٿي ويا آهن، ته پوءِڇا ڪجي؟ ظاهر آهي ته اهي دڳ ۽ رستا کولجن انهي سلسلي ۾ هڪ عالمي ماهرن جي ڪنسلٽنسي لوئس، برگر جي نالي سان انهي تي غور ڪيو ۽ هنن ٻڌايو ته ڪهڙا دڳ کولجن جن جي ڪري سمنڊ ۾ پاڻي نٿو وڃي.  جڏهن عالمي ماهرن جي  ڪنسلٽنسي انهي باري ۾ ڪجهه چئي وئي آهي ته انهي تي عمل ڪرڻ اسانجي ذميواري آهي.مٿين ٻن مسئلن مان معلوم ٿيو ته هڪ پاسي گرين هائوس گيسن کي سمجهون ۽ ٻئي پاسي انهن ڳالهين تي عمل ڪيون ته جيڪي عالمي ماهر لوئس، برگرچئي ويا آهن.