رنبير ڪپور پهرين محبت هو، اڃا به گهڻو پسند آهي: ديشا پٽاني

0
162
رنبير ڪپور پهرين محبت

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار ديشا پٽاني انڪشاف ڪيو آهي ته اداڪار رنبير ڪپور منهنجي پهرين محبت هو  اڃا به تمام گهڻو پسند آهي. پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ديشا پٽاني چيو ته رنبير ڪپور منهنجو پهريون سليبرٽي ڪرش هو

ھن چيو تھ پنهنجي اسڪول وارن ڏهاڙن ۾ رنبير جي سڀ کان وڏي مداح هئس. اداڪارا چيو ته اسڪول کان اسڪوٽر تي گهر ويندي رستي ۾ رنبير جا پوسٽر ڏسندي هئس، جنهن سبب ڪيئي دفعا ڀوائتن روڊ حادثن کان ذري گهٽ بچيس

هڪ سوال جي جواب ۾ ديشا چيو ته مون رنبير کي اهو ڪڏهن ناهي ٻڌايو، پر ارادو اٿم ته کيس ٻڌايان ته هو مونکي ڪيترو پسند آهي