لاهور(اسپورٽس نيوز) نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ سالياني جنرل باڊي ميٽنگ کان اڳ پي سي بي چيئرمين رميز راجا ۽ قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ قومي ٽيم جي معاملن تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب ميٽنگ ۾ دوري سريلنڪا لاءِ اسڪواڊ جي حوالي سان به ڳالهيون ٿيون، چيف سليڪٽر محمد وسيم طرفان موڪليل فهرست ۾ موجود ڪجهه نالن تي صلاح مشورو ڪيو ويو، شان مسعود ۽ ياسر شاهه جي قومي ٽيم اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو. پي سي بي چيئرمين ويسٽ انڊيز خلاف سيريز  جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪپتان کي مثبت ۽ جارحاڻي ڪرڪيٽ جو سلسلو جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي مڊل آرڊر سميت قومي ٽيم جي مسئلن ۽ ان جي حل تي به ڳالهيون ٿيون.