لاهور (اسپورٽس نيوز): قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر تي اڳوڻي پي سي بي چيئرمين رميز راجا تنقيد ڪئي آهي. اڳوڻي ڪرڪيٽر رميز راجا ڀارتي ويب سائيٽ کي انٽرويو ۾ اڳوڻي ڪوچ مڪي آرٿر کي ”جوڪر“ چئي ڇڏيو. هن چيو ته مڪي آرٿر جي واپسي ائين آهي، جيئن جوڪر جي ڳوٺ جي سرڪس ۾ واپسي ٿيندي آهي. سندس چوڻ هو جڏهن هو ڪائونٽي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي ته بورڊ مقرري ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ واضح رهي ته مڪي آرٿر ٽن سالن تائين پاڪستان ٽيم جي هيڊ ڪوچ جي ذميواري نڀائي چڪو آهي، جڏهن ته تازو پي سي بي کيس پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو آهي.