رمضان ۾ شيطان بند ۽ جوابدارن کي ضمانت ملي رهي آهي: سپريم ڪورٽ

0
263

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سنڌ جي مڪاني ادارن جي 200 کان وڌيڪ ملازمن جي عبوري ضمانت منظور ڪندي سمورن جوابدارن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرٽ تي ڪيسز جو جائزو وٺي فيصلو ڪري، سپريم ڪورٽ ۾ خيرپور ميرس، ڳڙهي ياسين ۽ ڳڙهي خيرو شهر سان واسطو رکندڙ ملازمن جي ضمانت واري ڪيس جي جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 3ر ڪني بينچ ٻڌڻي ٿي، ڪيس جِي ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏنا ته هي دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي حفاظتي ضمانت 2-2 سال رهي ٿي، هتي فوجداري نظامِ انصاف جو اهڙو حال آهي، قومي مفاد ۾ نيب جي قدمن تي ڳالهائي سگهجي ٿو، جسٽس قاضي امين پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدارن کي چيو ته پئسا جمع ڪرايو ۽ گهر هليا وڃو، سمورن جوابدارن سان هڪجهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي، ان موقعي تي جوابدارن جي وڪيل استدعا ڪئي ته اڄ پهريون روزو آهي، رليف ملڻ گهرجي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته رمضان ۾ شيطان بند ٿيندو آهي ۽ جوابدارن کي ضمانت ملي رهي آهي، واضح رهي ته سمورن جوابدارن مٿان مختلف منصوبن ۾ ڪرپشن جا الزام آهن..