رقم ٻيڻي ٿيڻ جي لالچ: موبائل صارفين ڪروڙين رپين کان محروم ٿي ويا

0
204

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) رقم ٻيڻي ٿيڻ جي لالچ: موبائل صارفين ڪروڙين رپين کان محروم ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست اتراکنڊ ۾ هڪ گروهه لاڳيتو 4 مهينن تائين موبائل ايپ تي رقم ٻيڻي ڪرڻ جو فراڊ ڪندو رهيو، گروهه موبائل ايپ تي صارفين کي رقم ٻيڻي ڪرڻ جي لالچ ڏئي 50 لک ماڻهن کي ڊائون لوڊ ڪري ورتو، صارفين کي پهرين پاوربينڪ ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ جو چيو ويو جنهن بعد کين پيسا ٻيڻا ٿي ملڻا هئاهريدوار جي رهوسي پوليس وٽ رپورٽ داخل ڪرائي ۽ پاڻ سان ٿيل ان فراڊ جو ڀانڊو ڦاڙي ڇڏيو. شهري پوليس کي ٻڌايو ته مونکي 15 ڏينهن ۾ پيسا ٻيڻا ٿيڻ جو چيو ويو، پهرين 93 هزار ۽ بعد ۾ 72 هزار جمع ڪرايا هئا. پوليس رپورٽ داخل ڪرڻ بعد حرڪت ۾ اچي وئي ، مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا جڏهن ته نوئيڊا مان هڪ جوابدار پون پانڊي کي پڻ گرفتار ڪري ورتو. گرفتارڪيل جوابدار وٽان 19 ليپ ٽاپ، 592 سم ڪارڊز، 5 موبائل فونز، 4 اي ٽي ايم ڪارڊز ۽ پاسپورٽ هٿ آيا، جوابدار پوليس آڏو انڪشاف ڪيو ته اها رقم ڪرپٽو ڪرنسي ۾ تبديل ڪري پرڏيهه اماڻي پئي وئي.