اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته سياسي ايجنڊا تحت سرڪاري ۽ دفاعي ملڪيتن تي حملا ڪري ساڙڻ ۽ لٽڻ وارن سان ڪا رعايت نه ڪئي وڃي، دهشتگردي ٽوڙ قانون ۽ عدالتن جي ذريعي ڪرمنل جسٽس سسٽم موجود آهي، منصوبابندي ڪندڙ، سهولتڪار ۽ حملي آور سولينز جو ٽرائل دهشتگردي ٽوڙ نظام تحت ڪيو وڃي، سولينز جو آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل نه ڪيو وڃي، اهڙو ٽرائل شفافيت تي سوال اٿاريندو جنهن تي بحث ٿيندو ۽ همدردي پيدا ٿيندي، ملٽري ڪورٽ ۾ سولينز جو ٽرائيل آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن جي خلاف آهي، اهو هميشه کان منهن جو موقف آهي، هن چيو ته باهه لڳائڻ تي آرمي ايڪٽ تحت ڪيس اعليٰ عدالتن ۾ چيلينج ٿيندا ۽ قانون جي مطابق نه هوندا، آرمي عدالتن ۾ ٽرائل جي هڪ ترميم 2015ع ۾ پارليامينٽ ڪئي جيڪا غلط هئي، اها ترميم هاڻي ختم ٿي چڪي آهي، حڪومت آرمي ايڪٽ تحت عام شهرين تي ڪيس هلائڻ تي نظرثاني ڪري، جڏهن ته ڪرمنل جسٽس سسٽم تحت سخت ترين سزا ڏني وڃي.