رشي ڪپور جي پهرين ورسي: آن لائن پوڄا پاٺ

0
357

نئين دهلي(شوبز نيوز) ليجنڊ ڀارتي اداڪار رشي ڪپور جي پهرين ورسي ملهائي وئي، آن لائن پوڄا پاٺ ڪئي وئي. ليجنڊ اداڪار گذريل سال 30 اپريل تي فوت ٿي ويو هو جڏهن ته ڪورونا سبب ورسي تي سندس وني نيتو ۽ پٽ رنبير گهر ۾ تقريب نه رکي، جڏهن ته آن لائن پوڄا پاٺ ۾ ويجهن عزيزن ۽ دوستن شرڪت ڪئي.