ملير( رپورٽر) عبدالله شاھ غازي ڳوٺ جي رهندڙ ملير پوليس جي اهلڪار نعمت الله شيخ پاڻ مٿان پستول جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ فوتي اهلڪار جي ڀاءُ سيف الله شيخ صحافين کي ٻڌايو ته نعمت الله کي ايس ايس پي آفيس ملير جا ڪلارڪ رشوت نه ڏيڻ تان بار بار بدلي ڪندا هئا،  جنهن کان تنگ اچي هن پاڻ مٿان فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، هن چيو ته ايس ايس پي ملير ۽  ڊي آءِ جي آفيسن ۾ رشوت ڏيڻ بنا ڪوبه ڪم ناهي ٿيندو، منهنجي ڀاءُ کان اڳ به هڪ پوليس آفيسر پنهنجن حقن لاءِ ڪراچي پوليس چيف جي آفيس آڏو پاڻ مٿان پيٽرول هاري خودڪشي ڪئي هئي، هن چيو ته  نعمت الله شيخ جي خودڪشي جو سبب بڻجندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي