رسول بخش پليجو جي سالگرهه سوشل ميڊيا تي به ملهائي وئي: ڀيٽا

0
328
رسول بخش پليجو جي سالگرهه سوشل ميڊيا تي به ملهائي وئي: ڀيٽا

عظيم انقلابي اڳواڻ رسول بخش پليجو جي سالگرهه سوشل ميڊيا تي به ملهائي وئي، سندس تصويرون، تقريرون، لکڻيون ۽ چوڻيون شيئر ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، هيپي برٿ ڊي رسول بخش پليجو ۽ ٽربيوٽ ٽو رسول بخش پليجو هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايا ويا. ان سلسلي ۾ مرڪ منان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رسول بخش پليجو چيو آهي ته تڪليفن کان نه گھٻرايو ،ڇو ته تڪليفون انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪنديون آھن ،سوچڻ سان ماڻھو ڏاھو ٿيندو آھي ۽ ڏاھپ ماڻھو کي جيئڻ  جي لائق بڻائندي آھي، جاويد اقبال لاڙڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هُو نه ڪنهن جاگيردارَ جو پُٽُ هو ۽ نه ئي ميرُ پيرُ يا سيدُ هو. هُو پليجو هو ۽ منگر پليجي ۾ رهندڙ هڪ غير معروف تپيدارَ جو فَرزندُ هو. هُو سماجي ۽ معاشي طور تي ڪجهه ڪونه هو، پر ذهني علمي ۽ فڪري طور تي هن جهڙو ڪو ڪونه هو.  سندس کيسا خالي هئا، پر سندس دماغُ ڀريل هو، علم سان، ذهانت سان، ڏاهپَ، فهم ۽ فراست سان. اهم ڳالهه ته انتهائي اَملههُ ۽ بيش بها خوابن سان؛ پنهنجي ديسَ واسين سميت پوري عالَمَ جي محڪومُ، مجبورُ ۽ مظلومُ عوامَ جي ڦٽل نصيبن کي سنوارڻ جا خوابَ. ڏُکَن، تڪليفن ۽ اهنجاين سان ڀريل هن جهانَ کي بدلائي ڪو سُکن ڀريو سَنسار قائم ڪرڻَ جا خوابَ. پنهنجي عوامَ جي اُجڙيل سِينڌَ سنوارڻَ جا خوابَ. پنهنجي وطنَ جي انچَ انچَ اندر سُونهنَ ۽ سينگارُ پيدا ڪرڻ جا خوابَ. هُو ان خوابَ کي ساڀيان بڻائڻ لاءِ پنهنجي عمر جو ڳَچُ حصو سياسي، ثقافتي، علمي، ادبي ۽ فڪري محاذن تي هڪ ئي وقت بي مثل جدوجهد ڪندو رهيو.

پاڻَ کان اڳ سياست، علم ۽ ادبَ جي ميدانَ ۾ موجود وڏن وڏن ديوتائن سان تن تَنها اَٽڪندو، مٿن تنقيدون ڪندو، ساڻن اختلافَ رکندو، پنهنجي الڳ واٽَ وٺندو ۽ ٻين کي اها واٽَ وٺائيندو، سنڌَ جي جديد تاريخَ اندر پنهنجو منفرد ۽ ممتاز مقامُ ٺاهيندو ويو. سندس جنم ڏڻ تي سموري سنڌ کي واڌايون. ماروي پليجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رسول بخش پليجو چيو آهي ته جيڪڏهن ماڻهو سمجهي وڃن ته اسان جو ڏک اسان جي محرومي اسان جي ذلت ۽ اسان جي شڪست الڳ ذاتي نه پر گڏيل آهن ته جيڪر دنيا ئي بدلجي وڃي،شمع منور رسول بخش پليجو بابت عبدالواحد آريسر جي ڳالهه شيئر ڪئي ته جنهن ۾ هن چيو ته لاڙڪاڻي شھر ۾ اسٽيج تي جيڪڏھن ڪا عورت اچي سگھي پئي ته اھا صرف نصرت ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ اشرف عباسي  ۽ اھو پليجي جو ڪمال آھي جو اپر سنڌ جي شھرن ۾  غريب نياڻين کي ھن اسٽيج تي پنھنجي فن فڪر علم ۽ ادب لاءِ موقعو ڏنو.

جنهن تي زوهيب سومرو لکيو ته مون سنڌ جا انيڪ ليکڪن جا ڪتاب پڙهيا آهن پر رسول بخش پليجو جي لکڻي انتهائي ڪمال جي آهي پليجو جيڪا ٻولي جي کڻت ڪئي آهي اها تمام زبردست آهي. محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پليجو صاحب چوندو هو ته اهو انسان ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو جيڪو ڪاميابي کان اڳ هار جو تصور ذهن ۾ ويهاري ڇڏي ۽ اهو انسان ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندو جيڪو هر حال ۾ ڪامياب ٿيڻ جو تصور ذهن ۾ ويهاري ڇڏي ان لاءِ جدوجهد ڪيو اڳئين سان مقابلو ڪيو پوءِ ڀلي اهو ڪيڏو به طاقتور ڇو نه هجي جي توهان جي ذهن ۾ ڪامياب ٿيڻ جو تصور آهي ته توهان طاقتور کان طاقتور ڌر کي به شڪست ڏئي سگهو ٿا. خالده منير شاعري سان ڀيٽا پيش ڪئي جنهن تي پريم چند لکيو ته شيخ اياز چيو آهي ته سنڌ ۾ تقرير صرف ٻه ماڻهو ڪري سگهن ٿا هڪ پليجو ٻيو آريسر، جي اين کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اچو ته دنيا کي بڇڙن جي حوالي نه ڪيون ، سعيو ڪري نيڪيءَ کي زور وٺايون.(شاعر فردوسي-سنڌيڪار رسول بخش پليجو). تانيا منان رسول بخش پليجو جي وڊيو ڪلپ شيئر ڪندي لکيو ته عورت جي غلامي رڳو عورت جي غلامي، بدنصيبي ۽ ذلت ناهي، هڪ حد کان پوءِ اها عورت توڙي مرد ٻنهي جي غلامي، بدنصيبي ۽ ذلت آهي.

فرحان تنيو لکيو ته سياست ۽ ادب جي ليجنڊري ڪردار رسول بخش پليجو صاحب جي سالگرهه جون سنڌ کي واڌايون.خالد ڪوري لکيو ته رسول بخش پليجو چيو آهي ته ننڍڙائپ مان نڪرون،خسيس پڻي مان نڪرون، ڪوڙ مان نڪرون ، مڪر مان نڪرون، ڌوکي مان نڪرون، پنهنجي هن سرسبز ۽ گلزار سنڌ، تاريخ جي روشن شاهراهه واري سنڌ تنهن کي نئون جنم بخشون، عزت سان هلون، عزت واري شيءِ دنيا ۾ ٻئي ڪهڙي آھي. سنڌو نواز گهانگهرو رسول بخش پليجو جو حوالو ڏيندي لکيو ته جڏھن ٿڪجي پئو ڪتاب پڙھو ، جسم چور ھجي ، بيزار ھجو ته پڙھو ، اڪيلا رھجي وڃو ، ڪو به گڏ نه ھجي ، مرڻ کان ھڪ سيڪنڊ اڳ به پڙھو ان سان توھان جو روح تازو ٿيندو ، جوان ٿيندئو ، مقابلي جي سگھه وڌي ويندي ، توھان ھڪڙا ٻيا ماڻھو ٿي پوندئو.

الاهي بخش بڪڪ لکيو ته سنڌ پنھنجي ڪک مان جن سورهيه پٽن کي جنم ڏنو آھي انھن پٽن۾ سنڌ جو وڏو دانشور ليڊر محترم رسول بخش پليجو به سنڌ جو تمام وڏو نالو آھي محترم رسول بخش پليجو سنڌ جو اھو عاشق آھي جنھن سنڌ جو ڪيس پنجاب  جي انھن گونگن ٻوڙن جي ڪنن تائين اتي وڃي چئيو ته اسانجي سنڌ لٽي ڦري رھيا آھيو ھن عظيم شخصيت جو جنم ڏينھن آھي سنڌ جي عاشقن کي ھن عظيم ليڊر جي جنم ڏينھن جون لک لک مبارڪون ھجن. ساجده پرهياڙ، نصير ميمڻ، ساحر اياز، ابوذر سنڌي، اياز ميراڻي، ڪاشف برڪت ملاح، پرديپ گلاب، جنت هاليپوٽو، مختيار احمد، ڊاڪٽر عاصمه جوڻيجو، اقصيٰ ڪينجهر جمالي، حڪيم زنگيجو، انور علي، علي احمد، اعجاز ابڙو، عرفان علي گوپانگ، خانزادي ڪپري، ونود راماڻي، اعجاز علي، دولت سنگهه، ڪاشف اوٺو، مير ڪلمتي، اختيار علي چنا، صوفي ڀيرو لال پرمار، بشير ميراڻي، جنيد سومرو، سيد منصور، رام ڪولهي، زنگيجو ستار، انيلا رفيق ملاح، شبنم پليجو، اختر علي، صابر جروار، شبير ڀٽي، راجا الطاف، آفتاب ڪلهوڙو ۽ ٻين ٽرينڊ ۾ حصو ورتو ۽ رسول بخش پليجو کي ڀيٽا پيش ڪئي.