ملتان(م ڊ) پنجاب ۾ رستو نه ڏيڻ تي بااثر چوڌري رڪشا هلائيندڙ پورهيت کي ڏنڊو لنگهائي ڇڏيو. مليل اطلاعن موجب پنجاب جي علائقي حاصل پور جي هڪ رڪشا ڊرائيور جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو اسپتال داخل آهي ۽ سندس نازڪ عضوي مان وڏو ڏنڊو ڪڍيو پيو وڃي، ان باري ۾ معلوم ٿيو آهي ته رڪشا ڊرائيور روڊ سان اچي رهيو هو ته پويان ايندڙ بااثر چوڌري جي گاڏي کي هن سائيڊ ڏيڻ ۾ هن کان دير ٿي جنهن تي چوڌري ۽ سندس واٺن کي مٺيان لڳي ۽ هنن پورهيت کي پڪڙي ڊيري تي کڻي وڃي سخت تشدد ڪيو ۽ سندس نازڪ عضوي ۾ ڏنڊو لنگهائي ڇڏيو. هو رڙيون ڪندو رهيو کيس اسپتال آڻي اهو ڏنڊو ڪڍيو ويو ته کيس رت اچڻ شروع ٿيو. ان باري ۾ وڌيڪ معلومات جاري نه ڪئي وئي آهي.