خانپور (ن پ ا) ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳڙھي تيغو واري علائقي  ڏڪ بند وٽان مھينو اڳ اغوا ٿيل ڳوٺ جيئو سھندڙو واسي نوجوان حفيظ الله سھندڙو کي پوليس ڏوھارين سان مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آھي، ٻئي طرف علائقي ۾ مغوي جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن ذريعي ٿيڻ جا چوٻول ھلندڙ آھن. ھڪ مھينو اڳ رحيم آباد جي ڳوٺ جيئو سھندڙو واسي عبدالحفيظ سھندڙو  شڪارپور کان گھر ويندي رحيم آباد ٿاڻي جي حد مان رستي مان اغوا ٿي ويو ھو، جنھن کي رستم ٿاڻي جي پوليس مبينا مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي وئي آھي. پوليس جو چوڻ آھي ته ڳجھو  اطلاع ملڻ تي ڏڪ بند واري علائقي ۾ ھٿياربند مغوي کي ھڪ ھنڌ کان ٻي ھنڌ منتقل ڪري رھيا ھئا ته بروقت پوليس پھچي وئي ھٿياربندن پوليس کي ڏسندي مغوي کي ڇڏي  فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. جڏھن ته علائقي ۾ چوٻول آھن ته مغوي راڄوڻي ڪوششن سان بازياب ٿيو آھي مغوي جي بازيابيءَ جي خبر ملڻ بعد  مغوي جي گھر ڀاتين ۾ خوشيءَ جي لھر ڇانيل آھي.