ڪوئيٽا (اسپورٽس نيوز): ڪوئيٽا ۾ جاري 34هين نيشنل گيمز ۾ رسا ڪشي جي مقابلي بعد اسٽيڊيم ميدان جنگ بڻجي ويو، ايڪسپريس نيوز موجب مردن جي ٽگ آف وار ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ ريلويز جي واپڊا خلاف فتح بعد رانديگر پاڻ ۾ وڙهي پيا، هارائيندڙ ٽيم جا رانديگر هارائڻ تي دل هاري ويٺا، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته سيمي فائنل هارائيندڙ ٽيم جي پليئرز ڪاوڙ فتح جو جشن ملهائيندڙ حريف رانديگرن تي ڪڍي، لتن، مڪن جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس اهلڪارن ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي نفري سبب حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچي ويون ۽ معاملو سٺي نموني حل ڪيو ويو، ان کانپوءِ ايونٽ جي فائنل ۾ ريلويز پنهنجي عمده ڪارڪردگي جو تسلسل برقرار رکندي آرمي جي مضبوط ٽيم کي به شڪست ڏئي گولڊ ميڊل کٽي ورتو، واضح رهي ته آرمي کي سلور، جڏهن ته واپڊا جي ٽيم کي برانز ميڊل مليو.