ڀرياروڊ (ن پ ا) پاڪستان ريلوي ھيڊ آفيس لاھور پاران ڀرياروڊ جي ريلوي اسٽيشن تي رحمان بابا ايڪسپريس جو اسٽاپ بحال ڪيو ويو، پاڪستان ريلويز پاران اپ ۽ ڊائون جو ڪالهه کان 2 منٽن جو اسٽاپ بحال ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ڪراچي کان پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس جو ڀرياروڊ ريلوي اسٽيشن پھچڻ تي سوين شھرين شاندار استقبال ڪيو، ان موقعي تي شھرين ٽرين جي عملي کي گلن جا ھار پارايا ۽ مٺائي کارائي، شھرين راڻا اسد راجپوت، اياز راجپوت، عمران مغل، عبداللطيف آرائين ۽ ٻين ريلوي اختيارين جو شڪريو ادا ڪيو.