لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)  لاڙڪاڻي ۾ ڪتن هڪ ئي ڏينهن 5 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جن ۾ 4 ورهين جي رخسار، 5 ورهين جو عبدالقيوم، 6 ورهين جو فيض خان، 8 ورهين جو حفيظ، 10 ورهين جو عبدالقدير، 25 ورهين جو جنيد، 30 ورهين جو علي محمد ۽ ٻيا شامل آهن، زخمين کي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو ويو. جتي سمورن زخمين کي ويڪسين لڳائي ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو.هوڏانهن رتيديري جي شهزاد ڪالوني ۾ ڪتي 6 سال جي فيض پٽ عبدالحڪيم شيخ مٿان حملو ڪري کيس مٿي، کاٻي اک واري پاسي ۽ پٺيءَ تي چڪ هڻي ڏاڙهي رتورت ڪري ڇڏيو، رڙين تي گهر ڀاتين پهچي کيس ڇڏائي چانڊڪا اسپتال آندو.