رتوديرو(رپورٽ: عبدالله فرمان ڀٽو) رتيديري ۾ مڪاني چونڊون ٿي وڃڻ کان پوءِ ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين آڻڻ لاءِ ڪوششون هلي رهيون آهن. ڪامياب ٿيل ڪائونسلرن کان چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي لاء پارٽي قيادت پاران درخواستون وٺڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ اميدوارن پاران ڊڪ ڊوڙ پڻ شروع ڪئي وئي آهي. پ پ پ سٽي رتوديرو جو صدر ممتاز عارباڻي ، نديم اختر سومرو، منير احمد جلباڻي ۽ شاهزيب جلباڻي مان ڪنهن هڪ کي ميونسپل ڪاميٽي رتوديرو جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جون ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن. جڏھن ته وائيس چيئرمين لاء غلام علي ابڙو ۽ گل محمد جکرو جا نالا گردش ۾ آھن. عوامي راء مطابق رتوديرو جي وارڊ نمبر 6 جو چونڊيل ڪائونسلر محمد پٺاڻ چيئرمين جو مضبوط اميدوار آھي.