رتوديرو/ دوداپور (نمائندن وٽان ) رتيديري جي ڳوٺ بهادر خان سناڻي جي ڳوٺاڻن واهر نه ٿيڻ خلاف وسندڙ مينهن ۾ رتوديرو _ ميرو خان روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺاڻن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ لاءِ آيل ٽيم کي به موٽائي ڇڏيو. عبدالغفور، عبداللطيف ، اصغر ، ڪامران علي ، عبدالڪريم۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته برساتن ۾ گھر ڊهي پٽ پئجي ويا، فصل تباهه ٿيا، چوپايو مال مري ويو، ٻچڙن سميت بکن تي گذارو ڪيو، اسان جي ڪنهن واهر ناهي ڪئي، ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ڇو پيئاريون، برساتن سبب ٿيل نقصان جي سروي ڪرائي واهر ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسان پنهنجن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين، هوڏانهن دوداپور ۾ ڳوٺ سڄڻ ملغاڻي جي رهواسين احسان ملغاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته برسات ۾ سخت سردي ۾ کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھيون، نوٽيس ورتو وڃي.