رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري ۾3 مهينا اڳ ٽرانسپورٽرن بهادر جلباڻي ۽ عبدالقادر جلباڻي ۾ مسافر ڪوچز جي ٽائيم تان ٿيل فائرنگ ۾ بهادر جلباڻي ڌر جي قتل ٿيل ٻن ڄڻن ظهير ۽ سراج جلباڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ، پ پ اڳواڻ علي نواز جلباڻي، محمد رفيق اوڍو، شاهد حسين شاهه، مومن سمون، خرم جلباڻي، پهلوان جويو، خالد حسين اوڍو، عبدالرزاق جلباڻي، سنديپ سيڏاڻي، بابو دايو ۽ ٻيا پاڪ ڪتاب کڻي ميڙ منٿ قافلو ڪري ڳوٺ محمد عمر جلباڻي پهچي بهادر ۽ اياز جلباڻي سان ڳالهيون ڪري کين فيصلو ڪرڻ جو چيو جنهن تي ڌر معززين کي چيو ته قتل واقعي ۾ 12 جوابدارن مٿان ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي جنهن مان رڳو هڪ جوابدار گرفتار ٿيل آهي هنن کين چيو ته جيسيتائين مک جوابدار گرفتار نه ٿيندا تيسيتائين فيصلو نه ڪنداسين جوابدارن جي گرفتاري بعد ڳالهيون ڪيون وينديون.