رتوديرو (ن پ ا) رتوديرو لڳ ڳوٺ فاضل خان چانڊيو جي رهواسڻ بيواهه ٻڍڙي عورت عظيمان زال لطف چانڊيو پنهنجي ڀائٽي ابرار سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي دانيهندي چيو ته اسان بااثر جي زمين تي هارپو ڪرڻ سان گڏ مڇيءَ جي کڏ به سنڀاليندا آهيون، مڇيءَ جي کڏ ۾ خرچ ڪري ٻيجارو ڇڏيو، حساب گهرڻ تان بااثر اسان مٿان فائرنگ ڪري اسان جا 3 ڄڻا اصغر ، پنهل ۽ اڪبر چانڊيو زخمي ڪيا، هن چيو ته پوليس ڏانهن دانهن کڻي وياسين ته انصاف بدران اسان جي زخمي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.