رتوديرو (ن پ ا ) لاڙڪاڻو ۾ هٿيار بندن هٿان قتل ٿي ويل رتيديري واسي اي ايس آءِ غلام اڪبر سيانچ جي  قتل ۾ الزام هيٺ آيل ڀٽي برادري جي ماڻهن هيبت علي، نثار، عبدالحفيظ، عامر، ايان علي احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ٽي مهينا اڳ سيانچ برادري جا ماڻهو اسان جي ٻن ڇوڪرين وحيدان ۽ سندس ڀيڻ ڪشش ٻئي ڌيئر صحبت ڀٽي کي کڻي ويا هئا. هنن چيو ته اي ايس آءِ اڪبر سيانچ جي پٽ سرفراز سان وحيدان جي شادي ڪرڻ جو بيان ميڊيا تي آيو هو، جڏهن ته ڪشش جو اڃا تائين ڪو به پتو ناهي، اها گم آهي يا کيس ماريو ويو آهي. هنن چيو ته اڪبر سيانچ وارن جو ٻين ڪيترن ئي ذاتين سان تڪرار هلندڙ آهي ان جي قتل ۾ اسان ملوث نه آهيون ۽ نه ئي وري اسان کي ان بابت ڪا ڄاڻ آهي، سيانچ برادري جا هٿياربند اسان کي قتل ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، واقعي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان کي ڇوڪريون به واپس ڪرائي ڏنيون وڃن.