رتوديرو (رپورٽ: فرمان عبد الله ڀٽو) رتيديري ڀرسان هٿياربند نوجوان دڪاندار کي اغوا ڪري ويا، وارثن جو مظاهرو، ڌرڻو، خبر موجب لاشاري ٿاڻي جي حد ڳوٺ وليداد گابر مان نامعلوم هٿياربند ڪرياني جي دڪان مالڪ وقار جونيجو کي اغوا ڪري ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته دڪاندار ڪرياني جي دوڪان ٻاهران ننڊ ستل هو ته ڪار سوار ھٿياربند کيس اغوا ڪيو، نوجوان جي پڦاٽ خالد جوڻيجو ٻڌايو ته نوجوان کي هٿياربندن ڪار ۾ ويھاريو ته هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون، جنهن تي ڳوٺاڻا سجاڳ ٿي پيا ۽ نوجوان کي بچائڻ لاءِ گهرن کان ٻاھر نڪري آيا پر ھٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، هوڏانهن مغوي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن رتوديرو باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، وارثن خالد حسين، مدثر حسين، اياز حسين جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي.