رتوديرو (ن پ ا) رتيديري لڳ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ همراه قتل، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، همراهه کي بيگناهه قتل ڪيو ويو. خبر موجب لاشاري ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم هٿياربندن ٽريڪٽر تي سوار 50 ورهين جي غلام قادر پٽ حسين بخش بروهي مٿان فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تعلقي اسپتال رتوديرو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آهي. مقتول جي ڀاءُ عبدالوحيد بروهي ٻڌايو ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، هن چيو ته ڀاءُ لاشاري ڳوٺ مان ٽريڪٽر ۾ ڊيزل ڀرائي واپس پنهنجي ڳوٺ حسين بخش بروهي اچي رهيو هو ته رستي ۾ تاڙ ۾ بيٺل هٿياربندن کيس فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.