دوداپور/وارث ڏنو ماڇي: جلباڻي ۽ ڪٽوهر خوني تڪرار تيز ٿيڻ کانپوءِ علائقي ۾ سخت ڏهڪاءُ پکڙجي ويو علائقي اندر ڪاروباري سرگرميون محدود ٿي ويون آهن، ڪٽوهر برادري جو تعلق ضلع جيڪب آباد جي علائقي پنهون ڀٽي ۽ جلباڻي برادري جو لاڙڪاڻي ضلعي جي رتوديرو سان ٻڌايو پيو وڃي، قتلام کانپوءِ ٻئي ڌريون پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ مورچابند ٿي ويون آهن، جڏهن ته پوليس لاءِ ٻنهي ڌرين جا علائقا نوگو ايريا بڻجي ويا آهن.