رتوديرو (ن پ ا) رتيديري ۾ جي يو آءِ اڳواڻ تي ٿيل حملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مولانا عبدالعزيز سومرو، مولانا احسان جمالي، مولانا مراد معرفاڻي، انجنيئر عبدالباسط سيال، مولانا مٺل کٽياڻ ۽ ٻين چيو ته ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود حافظ عبدالقادر ۽ سندس پٽ عبدالعزيز سيال مٿان حملو ڪندڙن کي پوليس گرفتار ناهي ڪيو، هنن چيو ته حملو هڪ وڏي سازش آهي، جنهن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.