رتوديرو (ن پ ا) 2 ڏينهن اڳ رتوديرو ۾ قتل ٿي ويل 16 ورهين جي نينگر ڪشمير پٽ شهمير لاشاري جي تدفين شهر جي مبارڪ شاهه قبرستان ۾ ڪئي وئي، مقتول نينگر جي وارثن پاران موٽڻ پور پاڙي ۾ سندس جو تڏو وڇايو ويو آهي، جتي پوئنرن سان سياسي سماجي اڳواڻن پاران تعزيت جو سلسلو جاري آهي، ٻي طرف مقتول نينگر جي والد شهمير لاشاري ٻڌايو ته پٽ جي قتل ڪيس ۾ پوليس جيڪا جاچ ڪري رهي آهي اسان کي ان مان ڪا به شڪايت نه آهي، اسان پوليس جي هلندڙ جاچ مان مطمئن آهيون، هوڏانهن ايس ايچ او رتوديرو احسان بليدي ٻڌايو ته شڪ جي بنياد تي ڪجھه گرفتاريون ڪيون آهن، جن کان جاچ هلندڙ آهي، جڏهن ته مقتول جي وارثن پاران رتوديرو ٿاڻي تي واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ڪرايو ويو آهي.