رتوديرو واسي بلوچستان ۾ ڪهاڙيون هڻي قتل

0
262

رتوديرو(ن پ ا) رتيديري جي نانو مل پاڙي جو رهواسي رميش ڪمار ڊيمباڻي کي بلوچستان جي حب چونڪي واري علائقي ۾ ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو ويو آهي

ان سلسلي ۾ مقتول جي مائٽن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته چار ڏينهن اڳ رميش ڪراچي مان پنهنجن جتوئي ذات جي هارين کان پئسا وٺڻ لاء ويل هو جنهن کان پوءِ اڄ صبح اسان کي خبر پئي ته هن کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪرڻ بعد لاش حب باءِ پاس تي اڇلايو ويو آھي

مقتول جي رتيديري ڀرسان لاشاري ٿاڻي جي حد ڳوٺَ مياڻي ۾ 100 ايڪڙ  زرعي زمين آھي جنهن جا هاري جتوئي ذات وارا ٻڌايا پيا وڃن

ھي به پڙھندا

نئون ديرو ڀرسان ھيٿاربندن جي گهر تي ڪاھ، هڪ ڄڻو قتل