رتوديرو (ن پ ا)رتيديري لڳ آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو، ان ڏس ۾ بنگلديرو جي آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ  وي تي  ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي محمد فاروق، حاجي الهورايو سومرو، نذير ڀٽو، محمد ملوڪ، محرم علي شيخ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته وارھ ڪئنال بئراج ۾ هٿ وٺي پاڻي بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ساريون سڪي رهيون آهن، هنن چيو ته جڏهن کيرٿر ، رائين ڪئنال  ۽ دادو ڪئنال تارون تار وهي رهيا آهن ته پوءِ وارھ بئراج ۾ پاڻي جي کوٽ ڇو آهي؟ هڪ ته برساتي پاڻي زمينن ۾ بيهجي وڃڻ سبب پوکيل ساريالو فصل تباهه ٿي ويو ،ٻئي طرف جيڪو فصل بچيل آهي ان لاءِ وري پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته   اسان کي پاڻي ڏئي اسان جا فصل بچايا وڃن.