اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ربيع سيزن دوران پاڻي جي موجودگي جو ابتدائي ڪاٿو لڳائي ڇڏيو، ربيع سيزن دوران پاڻي جي 20 سيڪڙو کان وڌيڪ کوٽ ٿيندي، پنجاب پاران انڊس زون ۾ پاڻي لاسز کي زيرو ڪرڻ جو مطالبو، سنڌ پاران پنجاب جي مطالبي جي مخالفت، انڊس زون ۾ پاڻي لاسز 10 سيڪڙو رکڻ جو مطالبو، ٽيڪنيڪل ڪاميٽي سنڌ جي 10 سيڪڙو مطالبي جي ڀيٽ ۾ انڊس زون ۾ پاڻي  لاسز 8 سيڪڙو رکڻ جي سفارش تيار ڪندي پنجاب جو زيرو لاسز رکڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب ڪالهه ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جو اجلاس ارسا جي ڊائريڪٽر آپريشن ۽ ارسا ترجمان خالد ادريس رانا جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي  جي آبپاشي عملدارن سوڌو ٻين شرڪت ڪئي، ذريعن مطابق اجلاس ۾ پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ربيع سيزن لاءِ پاڻي جي موجودگي جو جائزو ورتو ويو، ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي ربيع سيزن دوران 21 کان 24 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي دستيابي جو ابتدائي ڪاٿو لڳايو آهي، جڏهن ته ملڪ اندر قائم ڊيمن ۾ موجود پاڻي 9.5 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، اجلاس دوران پنجاب جي نمائندن مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال رهي آهي ان ڪري ربيع سيزن دوران انڊس زون ۾ پاڻي لاسز کي زيرو تي آندو وڃي، سنڌ صوبي جي آبپاشي عملدارن پنجاب جي مطالبي جي مخالفت ڪندي چيو ته انڊس زون ۾ ربيع سيزن دوران پاڻي لاسز 10 سيڪڙو رکيا وڃن، جنهن کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاميٽي انڊس زون ۾ زيرو لاسز رکڻ واري پنجاب جي مطالبي کي رد ڪندي انڊس زون ۾ 8 سيڪڙو لاسز رکڻ جي تجويز تيار ڪري ورتي آهي، جڏهن ته جهلم ۽ چناب زون ۾ لاسز زيرو رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، ذريعن مطابق سنڌ ۽ بلوچستان صوبي ۾ ٻوڏ واري صورتحال کان پوءِ به ربيع سيزن دوران پاڻي جي کوٽ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿيڻ جو ٽيڪنيڪل ڪاميٽي ابتدائي تخمينو لڳايو آهي، پاڻي کوٽ جو ڪاٿو لڳڻ کانپوءِ ربيع سيزن دوران صوبن وچ ۾ پاڻي جي ورڇ 1991ع جي پاڻي ٺاهه تحت ٿيڻ بدران هن ڀيري به ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ جا اڪثريت راءِ جي بنياد تي امڪان پيدا ٿي ويا آهن، ٻئي طرف صوبن ۾ ربيع دوران پاڻي جي ورڇ جو حتمي فيصلو ڪرڻ لاءِ ارسا جي ايدوائيزري ڪاميٽي جو اجلاس 28 سيپٽمبر بجاءِ 29 سيپٽمبر تي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي صدارت ارسا چيئرمين ڪندو، جنهن ۾ ربيع سيزن دوران پاڻي ورڇ جي حتمي منظوري ڏني ويندي.