راڻيپور (ن پ ا)  پنجاب مان اغوا ٿيل ملهه پهلوانن محمد هاشم پٺاڻ ۽ راحيل پٺاڻ جي بازيابي لاءِ ملهه ايسوسيئيشن سکر ڊويزن جي اڳواڻن غلام اصغر جاگيراڻي، عبدالجبار ڦل، منٺار بگٽي، ديدار جمالي، شهبان شر ۽ محمد خان ڦل جي اڳواڻيءَ ۾ راڻيپور ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ملهه پهلوانن چيو ته پنجاب مان ٻه ملهه پهلوان اغوا ٿي ويا آهن جن کي پنجاب حڪومت بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هنن پنجاب حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل ملهه پهلوانن کي فوري طور تي بازياب ڪرائي ملهه پهلوانن مان مايوس ختم ڪئي وڃي.