راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور قومي شاهراھ تي ويٺل شيخ برادري جي ماڻهن ناھيد شيخ، مسمات مٺڻ، مھمير خاتون، مسمات عاليه، مسمات مجيدان خاتون، اوشاق شيخ، نظير، عجيب جو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته باب احمد شاھ ڀرسان قومي شاهراهه جي ڀر ۾ اسي سال کان آباد آھيون، بجلي جا ميٽر پڻ لڳل آھن، با اثر پير سيد انور علي شاهه جيلاني اسان جي گھرن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، گهرن مٿان حملو ڪرائي نياڻين مٿان تشدد ڪرايو، بجلي ڪٽرائي تارون کڻي ويو آهي، با اثر کان اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ اسان کي بي گھر ٿيڻ کان بچايو وڃي.