راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور پوليس مقابلو ڄاڻائي جوابدار کي ھاف فراءِ ڪري ڇڏيو. راڻيپور پوليس موجب ڳوٺ سالاري لنڪ روڊ تي هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو. ان دوران هڪ هٿياربند غلام محمد ولد غلام سرور ملاح  کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. پوليس زخمي جوابدار وٽان هڪ ٽي ٽي پستول، گوليون ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي پڻ دعويٰ ڪئي آهي. جڏهن ته ايس ايچ او راڻيپور رحمت الله سولنگي ٻڌايو ته معمول جي گشت دوران ڳوٺ سالاري لنڪ روڊ تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل جوابدارن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ هڪ هٿياربند زخمي ٿي پيو، جنهن جي سڃاڻپ غلام محمد ولد غلام سرور ملاح طور ٿي آهي.   جڏهن ته ٻه هٿياربند فرار ٿي ويا، ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته غلام سرور ملاح کي هڪ ڏينهن اڳ گرفتار ڪري رات جو ھاف فراءِ ڪيو ويو آهي.