راڻيپور(ن پ ا) راڻيپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ قيصر خان شاهاڻي پراڻي دشمنيءَ تان فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن  علي خان شاهاڻي ۽ غوث بخش شاھاڻي جو ڪيس ايس ايچ او راڻيپور جي فرياد تي سرڪاري مدعيت ۾ 11 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو. هڪ جوابدار گرفتار. تفصيل موجب اڱاري تي رات جو راڻيپور ويجهو ڳوٺ قيصر خان شاهاڻيءَ ۾ پراڻي دشمني ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن  علي خان شاهاڻي ۽ غوث بخش شاھاڻي جو ڪيس ايس ايچ او راڻيپور رحمت الله سولنگي جي فرياد تي سرڪاري مدعيت ۾ 11 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. پوليس هڪ جوابدار کي پڻ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. گذريل ڏينهن پوسٽ مارٽم بعد ٻنهي ڄڻن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻئي طرف علي خان شاهاڻي جي جنازي نماز پير شاھ سخيرو ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي انگ مِٽن مائٽن ۽ دوستن شرڪت ڪئي.