راڻيپور (ن پ ا) ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪريم بخش ھڱورو ۾ هَوس پرست جوابدارن پاران پنجن سالن جي معصوم نينگر حسين ھڱورو کي مبينا طور ھٿيارن جي زور تي پيءُ جي سامھون جنسي بدفعليءَ جو نشانو بڻايو ويو. ڪنب پوليس ٿاڻي تي اين سي داخل، ميڊيڪل ليٽر ھجڻ باوجود ڊاڪٽرن نينگر جي طبي چڪاس کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو. ڄاڻايل نينگر جي والد عبدالغفور هڱورو ۽ ٻين پريس ڪلب راڻيپور پهچي دانهيندي الزام هنيو ته جوابدارن ثناالله، شيراز، گل حسن ھنڱورو ھٿيارن جي زور تي پنجن سالن جي حسين گل کي بدفعليءَ جو نشانو بڻائي معصوم جي زندگي تباھ ڪئي. ڪنب پوليس پاران ميڊيڪل ليٽر ڏيڻ باوجود ڊاڪٽرن نينگر جو ميڊيڪل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. هنن ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.