راڻيپور (رپورٽ: رضا راڄپر) راڻيپور لڳ ڳوٺ قيصر خان شاهاڻيءَ ۾ شاهاڻي ڌرين ۾ جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب غوث بخش عرف غوثو شاهاڻي ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته علي خان شاهاڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي علاج لاءِ گمس اسپتال نيو ويو، جتي  زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. تفصيل موجب راڻيپور ڀرسان ڳوٺ قيصر خان شاهاڻيءَ ۾شاهاڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي دشمني تان جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب غوث بخش عرف غوثو شاهاڻي ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته علي خان شاهاڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته ٻنهي ڌرين ۾ چئن ڏهاڪن کان پراڻي دشمني هلندڙ هئي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ٻن ڄڻن جي قتل بعد علائقي خوف ۽ هراس پيدا ٿي ويو. ضروري ڪارروائيءَ کان پوءِ ٻنهي ڄڻن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته قتل ٿي ويل علي خان شاهاڻي ۽ غوثو شاهاڻي تي ضلعي خيرپور جي مختلف ٿاڻن تي 30 کان وڌيڪ سنگين نوعيت جا ڪيس داخل آهن. ياد رهي علي خان شاهاڻي تي مٿان 2015 ۾ درازا شريف ۾ 11 ڄڻن جي قتل جو ڪيس پڻ داخل هو.درازا سانحي ۾ ايم پي اي وريام خاصخيلي جو ڀائٽيو نور حسن خاصخيلي قتل ٿي ويو هو. معلوم ٿيو آهي ته علي خان ۽ غوثو شاهاڻي جي ڌرين ۾ 50 سالن کان جهيڙو هلندڙ هو جنهن ۾ 10 کان مٿي  انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ڪجهه عرصو اڳ علي خان شاهاڻي جو والد گلزار شاھاڻي پڻ قتل ٿي ويو، جنهن بعد جهيڙي جي باھ ٻيهر ڀڙڪي پئي. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته گذريل 4 ڏينهن کان علي خان شاهاڻي ۽ غوثو شاهاڻي گڏ گهمندي ڏسڻ ۾ آيا. علي خان شاهاڻي تي 12،جڏهن ته غوثو شاهاڻي تي 30 کان مٿي ڪيس داخل آهن.