راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور پوليس چيڪنگ دوران سوڀوديرو روڊ تي مهراڻ ڪار کي روڪيو ته ڪار سوار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران پوليس جوابدار افضل شاهه کي پڪڙي ورتو. ڪار جي تلاشي دوران شراب جون 24 بوتلون هٿ ڪيون ويون. جوابدار خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.