راڻيپور (رپورٽ: رضا راڄپر ) راڻيپور ۾ راڻيپور رتو ديرو جي رانديگرن کي شڪست ڏئي ٽرافي کٽي ورتي. اِن ڏس ۾ سخي صالح شاھ بيڊمنٽن ڪلب راڻيپور ٽافي پنهنجي نالي ڪري ورتي. ان ڏس ۾ آل سنڌ ڊفيٽرس چيلينج بيڊمنٽن ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ 40 ٽيمن حصو ورتو. رتوديرو ۽ راڻيپور جي ٽيمن ۾ سخت مقابلو ٿيو، جنھن ۾ راڻيپور جي ٽيم بخش علي ۽ پير زوھيب شاھ جيلاني ڪاميابي ماڻي.