راڻا ثناءُ الله جو عمران خان کي ڌمڪي واري مامري تي يوٽرن

0
269
راڻا ثناءُ الله جو عمران خان کي ڌمڪي واري مامري تي يوٽرن
راڻا ثناءُ الله جو عمران خان کي ڌمڪي واري مامري تي يوٽرن

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سياستدان سان سياستدان ئي ڳالهيون ڪندو آهي، پي ٽي آءِ مان اڃا گهڻو ڪجهه نڪرندو، عمران خان خلاف في الحال قانون حرڪت ۾ ناهي آيو، پر سندس احتساب ڪيو ويندو

هن چيو ته عمران خان کي مارڻ جي ڌمڪي نه ڏني هئي، مون ته عمران خان جي سياسي وجود جي ڳالهه ڪئي

راڻا ثناءُ الله چيو ته صوبن ۾ نگران سيٽ اپ بنا ٿيندڙ چونڊن جي نتيجن کي ڪير به قبول نه ڪندو، اهڙيون چونڊون ملڪ ۾ ڏڦيڙ جو ڪارڻ ٿينديون، سمورين اسيمبليز جون چونڊون آڪٽوبر ۾ ڪرايون وينديون

گجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت راڻا ثناءُ الله جي درخواست منظور ڪندي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ رد ڪري ڇڏيا