راکي ساونت سلمان خان لاءِ جان ڏيڻ لاءِ تيار

0
297
راکي ساونت سلمان

ممبئي (شوبز نيوز) بولڊ اداڪارا راکي ساونت باليووڊ سلطان سلمان خان جي باڊي گارڊ ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي. گذريل مهيني باليووڊ اداڪار سلمان خان کي موتمار ڌمڪيون مليون هيون

جنهن بعد دبنگ خان پنهنجي حفاظت لاءِ هٿيارن جي لائسنس جي اجازت لاءِ درخواست ڏني هئي جنهن بعد کيس هٿيار رکڻ جو لائسنس ملي ويو

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سلمان خان کي ملندڙ ڌمڪين کي راکي ساونت سنجيدگي سان ورتو ۽ دبنگ خان جي باڊي گارڊ ٿيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو

رپورٽن موجب اداڪارا ۽ ماڊل راکي ساونت چيو ته مان سلمان خان جي باڊي گارڊ ٿيڻ چاهيان ٿي ته جيئن ڪير گولي هڻي ته پهريون مونکي لڳي. راکي ساونت چيو ته سلمان خان سان سٺو تعلق آهي ۽ هن جي سلامتي جي دعاگو آهي