راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ۾ ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ديوان واپاري کي سندس گھر اڳيان گولي ھڻي فرار ٿي ويا، راڌڻ جي مشھور فوٽو اسٽوڊيو جي مالڪ ڪلتار بجاج کان دڪان تان واپسي تي سندس گھر اڳيان 125 موٽر سائيڪل تي سوار ٽن نامعلوم ھٿياربندن ڦر جي ڪوشش ڪئي جنھن دوران مزاحمت تي ڪلتار بجاج کي پستل جو فائر ڪري فرار ٿي ويا، اکين ڏٺي شاھد محمد علي ڪلھوڙو ٻڌايو ته اسان جي سامھون واقعو ٿيو اسان سمجھيو ته ڪو ذاتي معامرو آھي پر دانھن تي اسان اڳيان وڌياسين ته ڦورو فائر ڪري کيس زخمي ڪري فرار ٿي ويا، زخمي نوجوان کي ساڄي طرف ڪلھي کان ٿورو ھيٺ گولي لڳڻ جو ٻڌايو پيو وڃي کيس لاڙڪاڻو ايمرجنسي ۾ نيو ويو آھي ٻئي طرف پ پ يوٿ جو صدر مرتضيٰ ڳورڙ، تحريڪ انصاف جو اڳواڻ مظھر جھتيال ۽ سوين شھري متاثر خاندان وٽ پھچي ڏک ۽ يڪجھتي جو اظھار ڪيو، راڌڻ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪري تفصيل حاصل ڪيا.