راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ۾ مختلف جھيڙن ۾ ٻن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. ميان جي ڳوٺ ۾  سڱاوتي تڪرار تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين  غلام علي ۽ وزير سولنگي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران ڏنڊا لڳڻ سبب 2 عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ وحيد سولنگي شھربانو سولنگي تسليمان سولنگي شامل آھن. ٻئي طرف ريلوي ڦاٽڪ وٽ جانوري ۽ سولنگي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنھن ۾ وحيد سولنگي سيخون لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو جڏھن ٻنھي واقعن جا پوليس طرفان ميڊيڪل ليٽر ڏئي ڪري کين علاج لاء اسپتال روانو ڪري ڇڏيو.