راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ۾ فصل جي ڀيل تان پنجون قتل ٿيو آهي. راڌڻ جي ميراڻي محلي سعدي موساڻي روڊ تي فروٽ وڪرو ڪندڙ 40 ورھين جي اصغر پٽ وريام ڏيٿو مٿان موٽر سائيڪل سوار ھٿياربند پستل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا، جيڪو زخمي حالت ۾ روڊ تي تڙپندو رھيو کيس ڪنهن به اسپتال نه پهچايو، جنهن ڪري اتي ئي دم ڏئي ڇڏيائين. اتي موجود سندس سالي منظور ڏيٿو ٻڌايو ته مقتول جي پنھنجي ماسات وزير ڏيٿو سان ذاتي دشمني آھي، جنھن ھي قتل ڪيو يا ڪرايو آھي. ھن ٻڌايو ته اصل ڳوٺ مسو حب ضلعي لاڙڪاڻي جا رھواسي آھيون، مقتول جا 2 ڀائر اڳ ۾ قتل ٿي چڪا آھن، جڏھن ته مخالف ڌر جا پڻ ٻه ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن. ھن ٻڌايو ته راڌڻ ۾ اسان سرگاڻي ذات سڏرائيندا ھئاسين ۽ دشمني سبب ڳوٺ ڇڏي راڌڻ آيا ھئاسين. ٻئي طرف ايس ايڇ او راڌڻ عبدالستار ملاح واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ گولين جا خول ھٿ ڪري ورتا ۽ لاش اسپتال کڻائي ويا.