راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ۾ شھري اتحاد جي سڏ تي سيپڪو جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ خلاف گڏجاڻي ڪوٺائي وئي  جنھن ۾ شهر جي سياسي سماجي مذھبي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي اجلاس ۾ اڳواڻن چيو ته سيپڪو راڌڻ طرفان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري شھرين جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آھي، ھنن چيو ته روزانو 15-17 ڪلاڪ بجلي بند رکي مزدورن کي فاقه ڪشي تي پھچائي ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته اسان جي ذھنن ۾ اھو خوف پيدا ڪيو ٿو وڃي ته عوام بجلي چور آھي پر ڪھڙو ماڻھو آھي جيڪو بجلي وارن کي ڪنڊي جا پئسا نٿو ڏئي، سيپڪو عملو ڪروڙ پتي بڻجي ويو آھي جيڪو ماڻھن کان لکين رپيا ماھانه وٺي ڪري اداري کي تباھ ڪري رھيو آھي، مختلف تنظيمن جي اڳواڻن مرتضي ڳورڙ، مظھر جھتيال، ڊاڪٽر محراب خان لاکير، الله بخش جوڻيجو، مظھر چانڊيو، وقار خانزاده، مظفر ڳورڙ، محمد يونس سولنگي، سائين ذوالفقار جوڻيجو، ڪامريڊ شمن سولنگي، لعل ڏنو سولنگي، دليپ سچڏيواڻي، عبدالرسول ڏھوٽ، راجا تنوير جھتيال، وسيم لاڙڪ، علي حسن زرداري، سائين اميد علي، غلام فريد ڏھوٽ، ڊي بي بلوچ، منير سومرو، اعجاز سولنگي، طفيل موريو، غلام حسين جانوري سميت ٻين متفقه طور تي ايڪس سي اين ميھڙ سان ملاقات ڪري اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ بابت ڳلاهيو ويودنو.  ٻئي طرف شھري اتحاد کي فعال ڪرائڻ لاء ڪاميٽي جڙڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.