ميهڙ (ن پ ا) راڌڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇن ڀنڀور ۾ شاھن سولنگي جي گھر  مان مبينا چوري ڪرڻ دوران گھر مالڪن پاران سجاڳ ٿيڻ تي ھڪ چور کي پڪڙي سخت مارڪٽ ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو. سوگهو ڪيل چور جي سڃاڻپ انور عرف انو سولنگي طور ٿي آھي . گھر مالڪ پاران پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس واقعي واري ھنڌ  2 ڪلاڪن تائين نه پھچي سگھي ھئي جنهن سبب  زخمي ٿيل چور گھر جي اڱڻ تي پيل رھيو، جڏهن ته 2 ڪلاڪن بعد سوگهو ڪيل چور کي پوليس حوالي ڪيو ويو. پوليس سوگهو ڪري زخمي ڪيل چور کي اسپتال منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري چڏي آھي. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي. ھوڏانھن ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته زخمي حالت ۾ ھٿ آيل نوجوان ۽ گھر مالڪ ويجھا عزيز آھن جنھن سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آھي.